اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر ??ان نوازڻ صرف مودي ئي ڪري سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??ملڪتي وزير 27 فيبروري 2019ع تي پاڪ فضائيه جي شاهينن جو نشانو بڻجندڙ ڀارتي مگ جهاز جي پائليٽ اڀي نندن کي ڀارت جي ٽ??ين سڀ کان وڏي فوجي اعزاز ڏيڻ جي تقريب جي وڊيو شيئر ڪندي چيو ته شڪست جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر ??ان نوازڻ صرف نريندر مودي ئي ڪري سگهي ٿو. هن ڀارتي وزيراعظم کي مشورو ڏنو ته هو احمقن جي جنت ۾ پنهنجو قيام جاري رکي. واضح رهي ته ڀارتي صدر رام ناٿ ڪووند سومر تي اڀينندن کي فيبروري 2019ع ۾ مبينه طور تي پاڪستاني فضائيه جو ايف 16 جهاز ماري ڪيرائڻ تي ”وير چڪر“ ڏنو آهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ان ڀارتي دعويٰ جي ترديد ڪري چڪو آهي ۽ آم??يڪي اخبار فارن پاليسي پنهنجي رپور?? ۾ ??ڌايو هو ته آم??يڪا جي دفاع واري کاتي جي اهلڪارن پاڪستان ايف 16 جهازن جي ڳڻپ ڪئي آهي ۽ اهي تعداد ۾ پورا آهن، آم??يڪي عملدارن پاران اهو بيان ان ڀارتي دعويٰ کي مڪمل طور تي ڪوڙو ثابت ڪري چڪو هو.