اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومن جي گڏيل ترقي لا??ِ ٻارن ??ي تعليم ۽ تربيت ۽ نظم ۽ ضبط کي اڻٽر قرار ڏيندي شاگردن تي زور ڏنو آهي ته هو پنهن??ي تهذيب ۽ قدرن جي باري ۾ آگاهي حاصل ڪن ۽ قائداعظم جي فرمان ”ايمان، اتحاد ۽ تنظيم“ جي عملي تصوير بڻجن، جديد دور ۾ علم حاصل ڪرڻ جا ذريعا بدلجي ويا آهن، ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ صحت ۽ تعليم جي فراهمي ۽ ڪم ڪرڻ جي انداز ۾ به نوان طريقا متعارف ٿيا آهن، قومون قدرتي وسيل?? سان نه، ذهني صلاحيت?? سان بڻجنديون آهن، ذه?? سازي س??ن پاڪستاني قوم عظيم تر بڻجندي، پاڪستان ??ي ترقي لا??ِ هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ بدران اسان کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو آهي. آرمي برن ڪاليج ۾ والدين جي ڏهاڙي جي س??لياني تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته تعليم سان گڏوگڏ صحتمند هم نصابي س??گرمين ۽ راندين جا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن. اهي س??گرميون شاگردن جي زندگي ۾ توازن پيدا ۽ انهن جي ڪردار سازي ڪنديون آهن. هن چيو ته مون پنهنجي استادن جو وڏو قدر ڪريان ٿو، استاد وڏي نعمت هوندو آهي، ڪالهه مون ٻارن تي جسماني س??ا جي خلاف قانون تي صحيحون ڪيون، بدليل زماني ۾ علم حاصل ڪرڻ پهرين کان وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي. ماضي ۾ استاد ئي علم حاصل ڪرڻ جو ذريعو هئا، اسلامي تاريخ ۽ حديث جو علم به استادن جي ذريعي ئي پکڙيو، هاڻي اليڪٽرانڪ دنيا ۾ علم جا ڊجيٽل ذريعا موجود آهن، نئون نسل اخبارن جي بدران اليڪٽرانڪ ذريعن مان فائدو کڻي رهيو آهي، علم حاصل ڪرڻ جا طريقا ۽ ذريعا بدلجي ويا آهن، وقت سان گڏو??ڏ اسڪولن تي ٻار وڌندو ۽ آن لا??ن تعليم جي ضرورت پوندي، روايتي طرز تعليم جي جاءِ تي نوان طريقا وٺي رهيا آهن، ڪووڊ – 19 دوران صحت ۽ تعليم جو نظام به بدلجي ويو آهي، ڪيتريون ئي ڪمپنيون پنهنجي ملازمن کي گهر کان ڪم جا موقعا فراهم ڪري رهيون آهن، صدر چيو ته گهر ۽ اسڪول ڪنهن به ٻار ??ي تربيت ۾ اهم ڪردار اسا ڪندا آهن. ڪنهن به ملڪ ??ي ترقي لا??ِ ٻارن ??ي تربيت اڻٽر آهي. هن چيو ته لحاظ، وڏن جي عزت، همدردي، ماحول جو تحفظ، اخلاق سان ڳالهه ڪرڻ، هڪ ٻئي جو خيال رکڻ ۽ انساني همدردي اسان ??ي تهذيب ۽ قدرن جو حصو آهن. نبي ڪريم ﷺ اسان کي ان ??ي تعليم ڏني آهي، صدر چيو ته پاڪستاني قوم ايثار ۽ قرباني جي جذبي س??ن معمور آهي، زلزلي دوران قوم جنهن جذبي جو مظاهرو ڪيو ان جي مثال نٿو ملي، هن چيو ته يورپ ۽ اولهه جيڪي دنيا کي انسانيت جو درس ڏيندا آهن انهن جي پنهنجي ڪيفيت اها آهي ته سپر پاورز جي ظلم ۽ ستم کان تنگ اچي هجرت ڪندڙ مظلوم ماڻهن، عورتن ۽ ٻار?? سان ڀريل ٻيڙين کي کلي سمنڊ ۾ واپس ڌڪيو ويندو آهي، ان جي ابتڙ اسان ??ي تهذيب ۽ قدر اهي آهن ته اسان 40 لک افغان پناهگيرن کي 40 سالن کان پناهه ڏئي رکي آهي ۽ اسان مان ڪنهن به ڪڏهن اها ڳالهه تائين ناهي ڪئي ته اهي ماڻهو اسان تي بار آهن. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي ٻارن کي پنهن??ي تهذيب ۽ قدرن کان آگاهه ڪرڻو آهي، هن چيو ته قائداعظم اسان کي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جو درس ڏنو آهي، قومن جي زندگي ۾ نظم ۽ ضبط جي اهميت سڀ کان وڌيڪ آهي، ان کانسواءِ ڪا به قوم ڪاميابي س??ن همڪنار نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته قدرتي وسيل?? سان قومون ناهن ٺهيون، پر قومن ??ي تعمير تاريخ ۽ ذه?? سازي س??ن ٿيندي آهي. پاڪستان ??ي ترقي لا??ِ اسان کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو آهي، هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ سان پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران اسان ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جو مظاهرو ڪيو، بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جي ڪري ڀارت ۽ ٻين ملڪن جي ابتڙ اسان وبا کان وڌيڪ محفوظ رهياسين.