اسلام ??باد – 18 ڊ??مبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شير شاهه پراچا چوڪ ڪراچي ۾ ڌ??اڪي ۾ قيمتي جانين ??ي زيان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر عالمگير خان ج?? والد ۽ ٻين فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان شير شاهه پراچا چوڪ ۾ ٿيندڙ ڌماڪن جي متاثرين جي خاندانن سان تعزيت ۽ انهن جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته کيس خاص طور تي اهو ٻڌي افسوس ٿيو ته انهن ڌماڪن ۾ اسان جي قومي اسيمبلي ميمبر عالمگير خان جو والد به فوت ٿي ويو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ عالمگير خان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو ڏي.