اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ سڀئي رڪارڊ جمع ڪرايا ۽ باقاعدگي سان اليڪشن ڪ??يشن جي سامهون پيش ٿيندا ??هي?? آهن، اسان جي اليڪشن ڪ??يشن کي به درخواست آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي فارن فنڊنگ جاچ لاءِ اسڪروٽني ڪميٽي کي فعال ڪيو وڃي، بلاول ۽ مريم کي پنهنجي پنهنجي پارٽي فنڊنگ جي باري ۾ ٻڌائڻو پون??و، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ٻاهرين ملڪ پارٽي کي لميٽيڊ ڪمپني طور تي رجسٽرڊ ڪرايو آهي، مارڪ سيگل کي ڪنهن مد ۾ ادائيگيون ڪ??ون وينديون رهيون، اليڪشن ڪ??يشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته اڄ ٻيهر اسان اليڪشن ڪ??يشن کي درخواست ڪئي آهي ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ فارن فنڊنگ جي حوالي سان اسڪروٽني ڪميٽي کي فعال ناهي ڪيو ويو. هڪ ميمبر جي رٽائرڊ ٿيڻ جي ڪري اسڪروٽني ڪميٽي غير فعال آهي. هن چيو ته ن ليگ 64 ڪروڙ ۽ پيپلزپارٽي 35 ڪروڙ جو حساب نه ڏئي سگهي. ن ليگ جا 9 ۽ پيپلزپارٽي جا 12 ڳجها اڪائونٽ سامهون آيا آهن، اسان جو موقف ۽ مطالبو آهي ته سڀني سياسي پارٽين جي اڪائونٽن جي جاچ پڙتال ٿيڻ گهرجي. اليڪشن ڪ??يشن کي فيصلو ڪرڻو آهي، اسان جي درخواست آهي ته جلد فيصلو ڪيو وڃي، فرخ حبيب چيو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جون ڪ??ششون هونديون آهن ته ڪنهن طريقي سان قانون جي بالادستي جي سامهون رڪاوٽ وجهون، اهو طريقو ڇڏڻو پوندو. هڪ طرف 22 سالن جي جدوجهد آهي ته ٻي طرف ڪرپشن آهي، هڪٻئي کي سليڪٽيڊ چوڻ ۽ روڊن تي گهلڻ جون ڳالهيون ڪرڻ وارا پنهنجون چوريون لڪائڻ لاءِ گڏجي ويندا آهن. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو صحت سڌارا پروگرام کڻي آيو آهي، ا?? فيصل آباد ڊويزن جي لاءِ 32 لک خاندانن جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ جاري ٿيڻ وڃي رهيو آهي