اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي اسپيڪر جي رولنگ جي حوالي سان فيصلي ۾ شهادتون ۽ دستاويزن کي ڏسڻ جي ??رو??ت آهي، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جو واحد حل چونڊون آهن، اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، چوڌري فواد حسين ته اٽارني جنرل عدالت ۾ چيو ته ان ڪئميرا ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ هو سڀئي ثبوتن ۽ دستاويز ججن جي سامهون رکيا ويندا جنهن جي بنياد تي اسپيڪر ان نتيجي تي پهتو ته پ??ڪستان ۾ حڪومت بدلائڻ جي عالمي سازش ٿي رهي هئي، هن چيو ته جج جيڪو به فيصلو ڏيندا ان موجب اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي بحران جي ڪري معاشي بحران پيدا ٿي ويو آهي، ڊالر به پنهنجي حد ڪراس ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن عدم اعتماد طرف وڃون ٿا ته ملڪ ۾ معاشي مسئلا وڌيڪ شدت اختيار ڪندا، هن چيو ته پ??ڪستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ ??رو??ي آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام هجي، سياسي استحڪام لاءِ ??رو??ي آهي ته چونڊون طرف وڃون، سياسي عدم استحڪام جو واحد حل چونڊون آهن