اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي جي صدر ڄام ڪمال خان ۽ قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ خالد حسين مگسي جي قيادت ۾ پارٽي جي وفد ??لاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بي??ن موجب بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد وزيراعظم پاران بلوچستان ج?? ترقي کي حڪومت ج?? ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي آجيان ڪئي. وزيراعظم س??ن ملاقات ڪندڙ وفد ۾ و??اق?? وزير سردار اسرار ترين، سينيٽر انوارالحق، سينيٽر سرفراز احمد بگٽي، سينيٽر ثمينه ممتاز، قومي اسيمبلي ميمبر احسان الله ريڪي، روبينه عرفان ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر بلاول آفريدي پڻ شامل هئا.