اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته معاشري جو اصل ضمير هڪ ذميوار باضمير آزاد پريس هوندي آهي، اعليٰ اخلاقي معيارن ۽ ذميواراڻي صحافت سان گڏ پريس شفافيت، جوابدهي ۽ صحتمنداڻي مڪالمي جو ??ردار رکندڙ هوندي آهي. صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي ??ي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان ??ي گڏيل ذميواري آهي ته پريس تي ڪنهن ڏاڍ ۽ زيادتي ۽ ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جي مذمت لاءِ متحد رهون.