انقره – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيءَ مفاهمت جي 7 مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي پريزيڊينسي آف اسٽريٽجي اينڊ بجيٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي ??ف پاڪستان جي ??چ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪ ۽ پاڪستان حڪومت جي ??چ ۾ ناليج شيئرنگ پروگرام جي فريم ورڪ تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪ ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر وزارت ۽ پاڪستان جي مواصلات واري وزارت جي ??چ ۾ هاءِ وي انجنيئرنگ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ ٻطرفي واپار ۽ معاشي لاڳاپن جي ??رو?? بابت گڏيل وزارتي بيان بابت مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي ناڻي واري وزارت جي ??چ ۾ فني تعاون پروٽوڪول جي مفاهمت جي ياداشت، ترڪيءَ جي ناڻي واري وزارت ۽ پاڪستان جي اقتصادي معاملن واري وزارت جي ??چ ۾ قرضن جي انتظام بابت تعاون پروٽوڪول جڏهن ته گهرن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ترڪيءَ جي ماحوليات شهري ترقي ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي ??ي ??چ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ واپار واري وزير سيد نويد قمر جڏهن ته ترڪيءَ پاران ٽرانسپورٽ واري وزير معاهدن تي صحيحون ڪيون.