اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه ??ان دريافت ٿيندڙ گئس جي ذخيرن ??ان عوا?? کي گئس جي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان فوجي فائونڊيشن گروپ جي چيئرمين وقار احمد ملڪ ۽ ماڙي پيٽروليم جي سربراهه فهيم حيدر ملاقات ڪئي. پيٽروليم وارو مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ پيٽروليم وارو ??يڪ??يٽري پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اڳوڻي قبائلي علائقن ??ان دريافت ٿيل گئس فوري طور تي عوا?? کي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني. خيبرپختونخواهه جي علائقي بنون ??ان 10 کرب ڪيوبڪ فٽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿيا هئا. وزيراعظم اهي ذخيرا عوا?? کي گئس جي کوٽ ??ان ڇوٽڪارو ??يارڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظ?? کي اتر وزيرستان، بنون ۾ نئين دريافت ٿيندڙ ذخيرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظ?? کي گئس جي شعبي جي مجموعي صورتحال، طلب ۽ پهچ کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ل??ڳا??يل علائقن جي عوا?? کي به دريافت ٿيل گئس جا ثمر فراهم ڪرڻ ۽ علائقي جي ترقي، سماجي ڀلائي، تعليم، صحت جي حوالي سان سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کيس آگاهه ڪيو وڃي ته جن علائقن ??ان گئس نڪتي آهي اتان جي عوام ۽ ٻارن کي ڇا ملندو.