اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست تي ناموس رسالت ﷺ جي معاملي تي سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسپيڪر آفيس پ??را?? جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سومر تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ ڪلاڪ مختص ڪري ڇڏ??و آهي جنهن ۾ بي جي پي اڳ??اڻن جي غي?? سنجيده بيانن جي مذمت ڪئي ويندي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مخالف ڌر کي به اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي ۽ چيو آهي ته اهو معاملو سياسي، پارٽي يا انفرادي نوعيت جو نه آهي پر اسان جي ايمان جو معاملو آهي، ايوان سومر تي بجيٽ تي بحث جو آغاز ڪندو جنهن ۾ بي جي پي اڳ??اڻن جي غيرسنجيده بيانن جي مذمت تي ٻڌل قرارداد به منظوري ڪئي ويندي.