اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قد??ن جي خلاف جمعي تي پرڏيهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين هڪ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، حريت ڪانفرنس جا اڳواڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ريلي ۾ شرڪت ٿيا. ان کان اڳ واڪ ۾ شريڪ ٿيندڙن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل جمون ۽ ڪشمير جي عوام سان گڏ يڪجهتي ??ي اظهار جي لاءِ پرڏيهي آفيس ۾ گڏ ٿيا. جنهن کانپوءِ پرڏيهي آفيس ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان زاهد زمان جي ملي نغمي کي جاري ڪيو ويو. ملي نغمو ڪشميرين جي خودمختياري واري حق ۽ ڀارتي ??وني چنبي کان آزادي جي جدوجهد مسلسل جاري رکڻ تي ??راج تحسين پيش ڪيو. ڪشمير جي حوالي سان اهو ملي نغمو زاهد زمان خصوصي ??ور تي ??يار ڪيو آهي. ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن پرڏيهي آفيس کان شاهراهه دستور کان ٿيندا پارليامينٽ هائوس پهتا. والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي ??يرقانوني ۽ هڪ طرفي قد??ن جي خلاف ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ڪشمير استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهايو پيو وڃي. پرڏيهي وزارت مظلوم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي ??ي لاءِ اسلام آباد ءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي.