اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد ش??با?? شريف اڄ جمعي تي سنڌ صوبي ۾ سکر، روهڙي، خيرپور، فيض گنج، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي دورو ڪندو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سکر جي ضلعي ا??تظ??ميا ۽ پي ڊي ايم اي جا نمائندا وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ تباهه ٿيندڙ انفرااسٽڪچر جي بحالي جي لاءِ جاري ڪمن تي بريفنگ ??ين??ا. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو حال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. تنهن کان پوءِ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ چيف انجينيئر سکر بيراج تي وزيراعظم کي ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ??ين??و.