اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي 14 آگسٽ تي هرنائي بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستان آرمي جي جوانن ج?? وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر نائيڪ محمد عاطف ۽ سپاهي قيوم جاويد جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر فرض سرانجام ڏيڻ دوران جان قربان ڪرڻ ت?? شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن ج?? درجن ج?? بلندي ۽ گهرڀاتين ج?? لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.