اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ موسم جي دٻاءُ جو سڌوسنئون نتيجو آهي، اسان ??ميد ڪريون ٿا ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو دورو دنيا آڏو ان ڳالهه کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڪندو ته آلوده گئس جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان ??ه گهٽ حصو هجڻ جي باوجود پاڪستان ??المي سطح تي موسمياتي لحاظ کان 10 غيرمحفوظ ملڪن ۾ شامل آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان ??ي موسمياتي خطرن کي گهٽ ڪرڻ، موافقت جي صلاحيت کي وڌ??ئڻ ۽ موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي ۾ مدد جي لاءِ ترقياتي حصي??ار?? سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پيغام کي دنيا تا??ين پهچ??ئڻ جي لاءِ عالمي تعاون کي ساراهيون ٿا.