ڪراچي – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو يونيورسٽي، ??اي??ر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت تي زور ڏنو آهي ته آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي (ايف يو يو اي ايس ٽي) ڪراچي جي مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. ??در اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن، وفاقي تعليم واري وزارت جي نمائندي ۽ ايڇ اي سي جي چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ايوان ??در جي ميڊيا ونگ موجب ??در ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ تي زور ڏنو ته اها ترقين، پگهارن جي عدم ادائيگي، وائيس چانسلر جي مقرري ۽ يونيورسٽي جي ايندڙ سينيٽ جي لاءِ نامزدگي ڪميٽي جي جوڙجڪ بابت معاملن تي سينيٽ جي هر ميمبر ۽ لاڳاپيل ڌرين جي راءِ ۽ تجويزن کي نظر ۾ رکندي اتفاق راءِ تي ٻڌل فيصلا ڪ??ي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين کي يونيورسٽي جو وقتي وائيس چانسلر پڻ مقرر ڪيو ويو جيڪو مستقل وائيس چانسلر جي مقرري تائين پ??هنجا فرض سرانجام ڏيندو رهندو. وقتي وائيس چانسلر پاليسي سان لاڳاپيل معاملن کي قانوني ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ??اي??ر ايجوڪيشن ڪميشن ڏانهن موڪليندو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد کي يونيورسٽي جي مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ جوڙيل سرچ ڪميٽي جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو. ڪميٽي کي مشورو ڏنو ويو ته اها مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي سفارش ڪرڻ جي لاءِ ٽائيم لائين جي بنياد تي اڳي وڌي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چئن مهينن کانپوءِ فيصلن جو جائزو ورتو ويندو.