اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف ٿائيلينڊ ۾ 23 ننڍي عمر جي ٻا??ن سميت ٽي درجن کان وڌيڪ ماڻهن جي قتل جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ان کان وڌيڪ ڀيانڪ فعل نه ٿو ٿي سگهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م چيو ته ٿائيلينڊ ۾ 23 ٻا??ن سميت 3 درجن کان وڌيڪ ماڻهن جي قتل تي کيس شديد صدمو پهتو آهي، ان ظلم جي مذمت لاءِ وٽس لفظ نه آهن. هن چيو ته اسان سوڳوار والدين ۽ ٿائيلينڊ جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا.