ڪراچي-13 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ و??يڪ 34275 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته بدين ۾ 2000 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح دادو ۾ 3000، حيدرآباد ۾ 4000، مٽياري 500، ڄامشورو 2975، ٽنڊوالهيار 1000، جيڪب آباد 1000، لاڙڪاڻو 3000، قمبر شهدادڪوٽ 3500، خيرپور ميرس 500، نوشهروفيروز 3500، سکر 3000، سانگهڙ 300، شهيد بينظير آباد 4000 ۽ م??رپورخاص ۾ 2000 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1612812 خاندانن ۾ راشن بيگس تقسيم ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ موجب مت??ثرن ۾ و??يڪ 744 ڍورن جون مڇردانيون ورهايون ۽ مت??ثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ 10 هيوي ڊيواٽرنگ پمپ پڻ پهچايا ويا آهن. هاڻي تائين مت??ثرن کي 612908 خيما، 535457 پلاسٽڪ ترپال، 3234345 مڇردانيون، 800770 ليٽر منرل واٽر، 133623 تيار ٿيل کاڌي جون ڌيڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو. صوبائي وزير چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن ۾ و??يڪ 22003 مت??ثر ريليف ڪيمپن مان پنھنجي گھرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، جڏهن ته ھن وقت 243030 مت??ثر ريليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. جن ۾ 67149 ٻار ۽ 52970 عورتون شامل آهن، جن کي ٻن ??قت?? جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تازين برساتن جي تباهڪارين سبب 779 قيمتي حياتيون ضايع ٿيون آهن، 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته سنڌ جي بيراجن تي پاڻي جي وهڪرو هيٺين سطح تي آهي، گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 58600 ڪيوسڪ ۽ اخراج 48400 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 48100 ڪيوسڪ ۽ اخراج 37000 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽري بيراج تي پاڻي جي آمد 78400 ڪيوسڪ ۽ اخراج 48500 ڪيوسڪ آهي.