ڪراچي-19 آڪٽوبر (اي پي پي)غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري کاتي جي وفاقي وزير ۽ چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شازيه عطا مري چيو آهي ته وزيراعظم محمد شھباز شر??ف جي فلڊ ايمرجنسي ڪيش رليف تحت بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام اڄ تائين ڪل 26 لک 46 هزار ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ڪيش رليف جي امدادي رقم ورهائي وئي آ??ي، ان حساب سان سڄي ملڪ ۾ 66 ارب 17 ڪر??ڙ رپين کان وڌيڪ رقم ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ ورهائي وئي آ??ي. وفاقي وزيرشازيه مري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اڄوڪي ڏينهن تي وڌيڪ 5 ھزار خاندانن کي 25 هزار روپين جي امدادي رقم تقسيم ڪئي وئي. اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن سندس ھڪ جاري بيان ۾ ڪيو آهي. ھن چيو ته هي رقم وزيراعظم پاڪستان جي فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس تحت ورهائي پئي وڃي ۽ ھيل تائين سنڌ جي 18 لک 12 هزار خاندانن ۾ 46 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. بلوچستان جي 2 لک 10هزار کان وڌيڪ متاثر خاندانن کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ امداد ڏني وئي آ??ي جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي 3 لک خاندانن کي 7 ارب 50 لک رپيا ادا ڪيا ويا. ھن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ 3لک 23 هزار خاندانن ۾ 8 ارب کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آ??ي، گلگت بلتستان جي 462 خاندانن کي 1 ڪر??ڙ 15 لک رپيا ڏنا ويا جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رقم جي ورھاست دوران شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي.