اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ماحول کي نقصان پهچائيندڙ ٻارڻ جي استعمال کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ عملي اتفاق ر??ءِ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته ڪوپ 27 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اهم معاهدا ۽ ”ڊيميج اينڊ لاس“ فنڊ جو قيام سڄي دنيا جي ل??ءِ وڏي ڪاميابي آهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ ڪلائميٽ بئنڪ قائم ڪيو وڃي ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي مناسب شرح تي قرض فراهم ٿي سگهن، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، موسمياتي تبديلين سان رڳو اسرندڙ ملڪ ئي نه پر ترقي يافته ملڪ به متاثر ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن غيرملڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. پرڏيهي وزير ??يو ته ڪوپ 27 ۾ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان اهم معاهدا ڪنهن هڪ ملڪ نه سڄي دنيا جي فتح آهي، معاهدو انهن ماڻهن جي فتح آهي جيڪي موسمياتي تبديلين جي تباهي کان متاثر ٿيا آهن، مالي تعاون جي حوالي سان ڏسڻو آهي ته عالمي مالياتي نظام جو ڪهڙو طريقيڪار هوندو ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن کي ان مان ڪهڙي طرح فائدو پهچندو. پرڏيهي وزير ??يو ته مالي تعاون جو معاملو ڪوپ جي ايندڙ اجلاس تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن جي ميزباني گڏيل عرب امارات ڪندو. هن ??يو ته جي 77 پلس چين جي ميمبرن مان ڪيترن ئي ملڪن ماضي ۾ ٿيندڙ واعدن کي مڪمل نه ڪرڻ تي پريشان آهن، اهو ئي سبب آهي جو معاهدن جي تحرير ان حوالي سان اهم آهي جيڪي ملڪن کي پنهنجي واعدن جي پاسداري جو پابند بڻائيندي آهي. بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي سان رڳو اسرندڙ ملڪ ئي نه پر ترقي يافته دنيا به متاثر ٿيندي. جي 77 پلس چين جي موجوده چيئرمين طور پاڪستان چاهي ٿو ته معاهدن جي نقطن تي عملدرآمد ٿئي. پرڏيهي وزير ??يو ته موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن جي ازالي ل??ءِ ”ڊيميج اينڊ لاس“ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي ۽ مالي مدد جي فراهمي ل??ءِ انتظام ڪيا ويا آهن. مقرر وقت ۾ ان سان واڳيل هدفن کي پورو ڪرڻ جي ل??ءِ ڪم ڪرڻو آهي. پرڏيهي وزير ??يو ته پاڪستان جي 77 ۽ يو اي اي جي پنهنجي حصيداري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، هڪ ٻئي تي آڱر کڻڻ بدران گڏيل بقاءَ جي ل??ءِ گڏيل جدوجهد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن ??يو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان پهريون ڀيرو تباهي ناهي ٿي، ان کان اڳ به گرميءَ جي سخت لهر ۽ ٻوڏ اچي چڪيون آهن، جيڪڏهن آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ سان رجوع ڪري سگهجي ٿو ته هڪ ڪلائميٽ بئنڪ به هجڻ گهرجي، جتي متاثر ملڪ وڃي سگهن ۽ ان ڪلائميٽ بئنڪ مان مناسب شرح تي قرض وٺي سگهجن. پرڏيهي وزير ??يو ته اسان کي پنهنجي ماڻهن کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي ۽ ماحول کي نقصان پهچائيندڙ ٻارڻ جي استعمال کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ عملي اتفاق ر??ءِ جي ضرورت آهي.