اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب لاهو?? پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آ??ي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي، صحافين جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ل??هو?? پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر اعظم چوڌري، سيني??ر نائب صدر شاداب رياض، نائب صدر ظهير احمد بابر، سيڪريٽري عبدالمجيد ساجد، جوائنٽ سيڪريٽري حسن تيمور جهڳڙا ۽ فنانس سيڪريٽري حافظ فيض احمد سميت گورننگ باڊي جي ميمبرن کي لاهو?? پريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته لاهو?? پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته لاهور جي صحافي برادري آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير لاهو?? پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.