واشنگٽن – 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي نئين سياسي ۽ فوجي قيادت ملڪ جي قانونن ۽ آئين جو احترام نه ڪندڙ دهشتگرد تنظيمن سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪندي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي خوش آمد ڪرڻ واري پاليسي تي عمل پيرا هئي، هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن اسان افغان عبوري حڪومت سا?? گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا جنهن جو ان??ن گروهن تي اثر آهي، ته اسان پنهنجي سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”واشنگٽن پوسٽ“ سان ڊيووس سوئيٽزرلينڊ ۾ هڪ ??نٽرويو ۾ ڪيو جتي هو ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان ٽي ٽي پي کي نه رڳو لڪڻ جي جڳهه ڏني پر ان جي قيدي?? کي آزاد ڪيو جيڪي پاڪستان جي تحويل ۾ هئا ۽ ان??ن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان سدائين نظرياتي طور تي ان??ن جي موقف جو همدرد رهيو آهي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا پاڪستا?? کي اميد هئي ته نئين افغان حڪومت ٽي ٽي پي جي خلاف ڪارروائي ڪندي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي اميد ۽ حقيقت ۾ ان جو معاهدو اهو هو ته ان??ن جي سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيندي، اسا?? کي اميد آهي ته دهشتگرد?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان??ن سان تعاون ڪنداسين جيڪو اسان جي لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي دهشتگردي جو شڪار آهن، مو?? کي يقين نه آهي ته افغان حڪومت دهشتگردي جي خلاف پنهنجي طور تي ڪامياب ٿيندي ۽ نه ئي اسان دهشتگردي جي خلاف پنهنجي طور تي ڪامياب ٿينداسين، اسا?? کي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پرڏيهي وزير هڪ ??وال جي جواب ۾ ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته جيڪڏهن 2007ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو زندهه رهي ها ته نه رڳو پاڪستان هڪ مختلف جڳهه هجي هي پر خطو مختلف رخ ۾ گامزن هجي ها. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو مقصد پاڪستا?? کي هڪ ??مهوري ملڪ بڻائڻ آهي، اسان سمجهون ٿا ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو واحد رستو جمهوريت آهي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا هو هلندڙ سال ۾ وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ظاهر آهي ته اڳ ۾ چونڊون کٽڻيون پونديون. هن چيو ته منهنجي پارٽي اميد ڪندي ته اسان کٽي وينداسين، پاڪستان پيپلزپارٽي جو پنهنجو منشور آهي ۽ پاڪستا?? کي جيڪي چئلينجز درپيش آهن مو?? کي يقين آهي ته اسان جي پارٽي جو منشور ملڪ جي اهم مسئلن بشمول مهانگائي ۽ بيروزگاري تي بهترين ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته مو?? کي يقين نه آهي ته ڪا هڪ پارٽي پاڪستان جا سمورا مسئلا حل ڪري سگهندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن اسان جي پارٽي سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ٿي ته آئون وزيراعظم طور حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ هڪ ??تحادي حڪومت ٺاهينداسين.