ا??لا?? آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي تن??ير احمد شهيد جي والد کي ٽيليفون ڪري ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سپاهي تن??ير احمد 5 فيبروري تي موسيٰ چيڪ پوسٽ ڪوئيٽا ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيو هو. صد?? شهيد ۽ ان جي خاندان جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيندي خدمتن ۽ قوم جي لاءِ جان جو نذرانو ??يش ڪرڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر فرض جي ادائيگي ۾ شهادت ماڻڻ، وطن جي لاءِ قرباني تي شهيد کي ??لا?? پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيد جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ۽ وطن جي خاطر قرباني ڏيڻ تي قوم پاران ٿورا مڃيا. صد?? شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.