اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته سموري پنجاب مان پ??رٽ?? نوجوان اڳواڻن جو اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن 180 ايڇ ماڊل ٽائون لاهور ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن جي صدارت پ??رٽ?? جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز ڪندي. پنهنجي پيغام ۾ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته اجلاس ۾ يوٿ جي تنظيمي ڍانچي جو جائزو ورتو ويندو. نوجوانن جي ترقي، روزگار ۽ ڪاروبار بابت تجويزن سميت نوجوانن جي سوشل ميڊيا جي حوالي سان ڪردار ۽ پ??رٽ?? سطح تي ڪارڪردگي تي غور ٿيندو. هن چيو ته مريم نواز پ??رٽ?? جي يوٿ ڊ??ولپمينٽ پاليسي تي خيالن جو اظهار ڪندي. تنظيمي اجلاس ۾ يوٿ چارٽر جي تياري تي تجويزون ورتيون وينديون ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي مشاورت ٿيندي.