اسل??م آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سائفر ۽ آمريڪي سازش جي ڪهاڻي دفن ٿيڻ کانپوءِ هاڻي عمران خان جي قتل جي هٿ ٺوڪي ڪهاڻي کل جوڳي آهي، فار?? ايجنٽ ٻاهر ويٺل ڀڳوڙي ايجنٽن جي ذريعي سازش ڪرائي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان دشم?? ايجنڊا بي نقاب ٿي چڪي آهي، فارن فنڊنگ ڇو ٿي؟ معيشت جي تباهي، ورڇ ۽ شهيدن جي خلاف مهم ان جي غلط ذهن جو ثبوت آ??ي.