اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ توانائي وسيلن جي بيورو جي ا??سٽ??ٽ سيڪريٽري جيفري پياٽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. جيفري پياٽ پاڪ – آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي ??اءِ آمريڪي وفد جي ??يادت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پاڪستان آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ منعقد ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. ا??سٽ??ٽ سيڪريٽري قابل تجديد توانائي جي ??اليسي تي پاڪستان کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي ??چ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن شعبن ۾ جاري ڳالهين ۽ تعاون جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي طرفن کان اقتصادي ترقي، توانائي جي حفاظت، ٻوڏ کان بحالي جي ڊگهي مدي واري ڪوششن ۾ حصيداري ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ مجموعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. پاڪ آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ هڪ گڏيل قدم آهي جنهن جو مقصد توانائي جي حفاظت کي فروغ ڏيڻ آهي ۽ اهو آمريڪا ۽ پاڪستان جي ??چ ۾ ٻطرفي توانائي جي ترجيحن، قابل تجديد توانائي جي ??نتقلي کي اڳتي وڌائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ اقتصادي ۽ واپاري موقعا ڳولڻ جي ??اءِ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه جي ??اءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو رهندو. ملاقات دوران سمنڊ، ماحوليات ۽ سائنس بابت ا??سٽ??ٽ سيڪريٽري مونيڪا ميڊينا جيڪا سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ته هوءَ پاڪ آمريڪا موسمياتي ۽ ماحوليات ورڪنگ گروپ جي ??يٽنگس جي ??اءِ هڪ وفد جي ??يادت ڪري رهي آهي. هن ان عزم کي ساراهيو جنهن سان پاڪستان حڪومت گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. ڏکڻ وچ ايشيا بابت پرنسپل ڊپٽي ا??سٽ??ٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ ۽ چيف ڪلائميٽ آفيسر، ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ايف سي) جيڪ ليوين پڻ وفد ۾ شامل ??ئا. سينيئر آمريڪي سفارتڪارن بائيڊن انتظاميا جي ??اڪستان آمريڪا لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، پاور وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، جهانزيب خان ۽ سيد فه?? حسين پڻ موجود هئا.