ٿرپارڪر – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي سان هلن??ڙ 1650 ميگاواٽ بجلي جي ٻن منصوبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن سان ڪوئلي سان پيدا ٿيندڙ بجلي جي پيداوار 3300 ميگاواٽ ٿي ويندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام ڪوٽ ٿر جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو ۽ 330 ميگاواٽ ٿل نووا ٿر ۽ 1320 ميگاواٽ شنگهائي اليڪٽرڪ منصوبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير چوڌري سالڪ ح??ين?? احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، چيني نائب ناطم الامور پانگ چن شوئي ۽ سنڌ جو توانائي ??ارو وزير امتياز احمد شيخ پڻ موجود هئا. اهي منصوبا 3.53 ارب ڊالر جي سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري سان تعمي?? ڪيا ويا آهن.