ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ثمرقند ۾ افغانستان جي پ??ڙي??ري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير سيدوف باختيور اوديلووچ سان ملاقات ??ئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ دوستاڻن ل??ڳاپن خاص طور تي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ عوامي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. ٻنهي ڌرين پاڪستان، ازبڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٽرانس افغان ريلوي منصوبي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ??الهه تي اتفاق ڪيو ته ان منصوبي جي وقت سر مڪمل ٿيڻ سان علائقائي رابطن ۾ اضافو ٿيندو. ملاقات جي موقعي تي ٻنهي طرفن اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي مٽاسٽا جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ م ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) کي جلد فعال ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ??ئي.