اسلام آباد – 24 – مئي (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي سيڪيورٽي ايجنسي پاران دهشتگرد گلزار امام شمبي کي گرفتار ڪرڻ تي مبارڪباد ڏن?? آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته آئون پاڪستان جي انٽيلي جنس ايجنسي کي انتهائي نفيس ۽ گهري آپريشن کانپوءِ ان گرفتاري تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته حقيقت ۾ اها هڪ وڏي ڪامياب?? آهي. صدر چيو ته اهڙي طرح جون منصوبابند ڪارروايون بلوچستان ۾ امن ۽ خوشحالي آڻڻ ۾ تمام گهڻيون مددگار ثابت ٿينديون. صدر چيو ته آئون آءِ ايس آءِ، ان جي قيادت ۽ عملي جو ٿورائت?? آهيان جن ان آپريشن ۾ حصو ورتو ۽ ان کي ڪامياب بڻايو.