انقره-04 جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ترڪيه جو 2 ڏينهن وارو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ بعد ڏيهه واپس روانو ٿي ويو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پنهنجو 2 ڏينهن وارو سرڪاري دورو مڪمل ڪري انقره انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان پاڪستان لاءِ روانو ٿي ويو. انقره ايئر پورٽ تي روانگي جي وقت وزيرا??ظم کي ترڪيه جي پرڏيهي وزارت جي اعلى اختيارين. ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد ۽ سفارتي عملي الوداع ڪيو.