اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها ڊاڪٽر عا??يه جي سارسنڀال ۽ سندس جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهي. وزيراعظم هڪ وزارتي ڪميٽي آهي جيڪا ڊاڪٽر عا??يه جي جلد آزادي جي لاءِ ڪوششون تيز ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميدي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊاڪٽر عا??يه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. گذريل ٽن مهينن ۾ وزيراعظم سان ڊاڪٽر فوزيه جي اه?? ٻي ملاقات هئي. ان کان اڳ وزيراعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي سان ان جي ايف ايم سي جيل ۾ ڊاڪٽر عا??يه صديقي سان ملاقات جي لاءِ آمريڪا روانگي کان اڳ ملاقات ڪئي هئي. ڊاڪٽر فوزيه وزيراعظم جي قيادت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم جي هدايت تي پرڏيهي وزارت پاران ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي آمريڪي ويزا ۾ مدد فراهم ڪئي وئي ۽ آمريڪي جيل ۾ ڊاڪٽر عا??يه سان ان جي ملاقاتن جو بندوبست ڪيو ويو. ڊاڪٽر فوزيه چيو ته منهنجي دوري جي لاءِ آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪري توهان ڊاڪٽر عا??يه جي آزادي جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. اٽڪل 15 سال اڳ قيد ٿيڻ کانپوءِ کان پنهنجي ڀيڻ ملڻ جو هي پهريون موقعو هو ۽ مسلسل ٽن ڏينهن تائين ان سان ملاقات رهي. هن وزيراعظم کي ڊاڪٽر عا??يه جي جلد آزادي جي لاءِ کنيل مجوزه قدمن بابت ٻڌايو. ڊاڪٽر فوزيه پنهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر عا??يه سان ملاقات جا تاثر بيان ڪيا ته وزيراعظم همدرديءَ سان ان کي ٻڌو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت ان جي ڀيڻ جي لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ڊاڪٽر عا??يه صديقي جي خيريت ۽ آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي ته اها ڊاڪٽر عا??يه جي سارسنڀال ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهي. هن پرڏيهي وزارت کي اها به هدايت ڪئي ته اها ڊاڪٽر فوزيه جي آمريڪا جي ا??ئين دوري جي لاءِ مڪمل تعاون فراهمڪري، وزيراعظم هڪ وزارتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا ڊاڪٽر عا??يه جي جلد آزادي جي لاءِ ڪوششون تيز ڪندي.