جنيوا-13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان او آءِ سي جي نمائندگي ڪندي اولهه تي الزام لڳايو آهي ته اهي ??ذه??ي نفرت کي روڪڻ جي پنهنجي عزم ۾ رڳو بيان بازيءَ جو ڪم ڪري رهيا آهن. جنيوا ۾ گڏيل قومن لاءِ پاڪستان جي مستقل نمائندي خليل هاشمي 47 رڪني ڪائونسل جي اجلاس بعد چيو ته اجلاس ۾ ٺهراءَ جي مخالفت انهن ملڪن طر??ان ڪئي وئي جيڪي قرآن پاڪ يا ڪنهن ٻئي ??ذه??ي ڪتاب جي سرِعام بي حرمتي ڪرڻ تي راضي ناهن. آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيه ٺهراءَ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته کين انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ بابت ٺهراءَ ۾ پيش ڪيل نڪته نظر ??ان اختلاف آهي. او آءِ سي طر??ان ردِعمل جو اظهار ڪندي پاڪستان جي سفير خليل هاشمي چيو ته ان ٺهراءَ جي مخالفت ڪندڙن وٽ سياسي، قانوني ۽ اخلاقي جرئت جي کوٽ آهي ۽ ڪائونسل کي انهن مان اهڙي ئي رويي جي اُميد هئي. هن چيو ته ٺهراءَ خلاف ووٽ ڏيندڙ ملڪ مسلمانن ۽ ٻين ??ذه??ن جي ماڻهن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته ??ذه??ي نفرت کي روڪڻ لاءِ سندن عزم رڳو بيان بازيءَ تائين محدود آهي، جن ملڪن ٺهرائن جي حق ۾ ووٽ ڏنو انهن ۾ الجيريا، ارجنٽائن، بنگلاديش، بوليويا، ڪيمرون، چين، آئيوري ڪوسٽ، ڪيوبا، اريٽيريا، گبون، گيمبيا، ڀارت، قازخستان، ڪرغزستان، ملاوي، ملائيشيا، مالديپ، مراڪش، پاڪستان ۽ قطر شامل آهن. سي??يگ??ل، صوماليه، ڏکڻ آفريقا، سوڊان، يوڪرين، گڏيل عرب امارت، ازبڪستان ۽ ويٽنام پڻ شامل آهن. جڏهن ته بيلجيم، ڪوسٽاريڪا، جمهوريه چيڪ، فن لينڊ، فرانس، جرمني، لٿوانيا، لگزمبرگ، مونٽي ??يگ??و، رومانيه، برطانيه ۽ آمريڪا قرارداد خلاف ووٽ ڏنا. قرارداد جي حوالي ??ان اولهه جي ملڪن جون بدگمانيون سامهون ر??ند?? پاڪستاني سفير چيو ته اهي قدم اظهار جي آزاديءَ جي حق کي گهٽائڻ جي ڪوشش نٿا ڪن. ان جو مقصد خاص فرضن ۽ ذميدارين ??ان گڏ ان حق جي استعمال وچ ۾ هڪ محتاط توازن قائم ڪرڻو آهي. هن چيو ته مونکي افسوس آهي ته ڪجهه رياستن ??ذه??ي نفرت جي لعنت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي ذميدارين کان ڪناره ڪشي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٺهراءَ جو متن متوازن، موضوعاتي ۽ حل تي ٻَڌل هو. ٺهراءَ جي متن کي ڪنهن به ملڪ کي نشانو نه بڻايو ويو هو پر ان جو مقصد ??ذه??ي مقدس شين جي توهين جي روڪٿام جي عدم موجودگي، قانوني روڪٿام ۽ ڄاڻي واڻي توڙي انساني حقن جي نظام جي اثرن بابت مسئلن کي حل ڪرڻ آهي.