اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فرانس جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران فرانس جي عوام ۽ حڪومت کي م??ارڪباد ڏني آهي. اي??ان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فرانسيسي جمهوريه جي صدر اي??انوئل ميڪرون جي نالي پنهنجي خط ۾ چيو ته پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل موقف ۽ ڊگهي فورمز تي ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته فيبروري ۾ صحيحون ڪيل ٻطرفي تعاون جي روڊ ميپ سان واپار، عوامي رابطن، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ توانائي جهڙن ??عبن ۾ ڊگهي تعاون کي م??بوط ??ڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر يقين ظاهر ڪيو ته صدر ميڪرون جي م??حرڪ قيادت ۾اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل فائدي جي لاءِ اعليٰ سطحي تي کڻي وينداسين. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ فرانس جي صدر لا??ِ سٺي صحت، فرانس جي عوام جي م??لسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.