لاهور -16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه??، ته اسان کي ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻه فيصلا ڪرڻا پوندا، انقلابي قدمن سان ئي پاڪستان ۾ معاشي ترقي ممڪن ٿي سگهندي، اڳوڻي دور ۾ ماڻهو پنهنجون ٽيجوڙيون ڀري رهيا هئا، احتساب جي نالي تي مخالف ڌر ۽ سرڪاري آفيسرن ک??ن بدترين انتقام ورتو و??و، عوام محمد نو??ز شريف ۽ ان جي ٽيم کي موقعو ڏنو ته ملڪ جي تقدير بدلائي ڇڏينداسين. اهڙو اظهار هن گورنر هائوس پنجاب ۾ يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم تحت نو??وانن ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر محمد بليغ الرحمان، نو??وانن بابت وزيراعظم جي اسپيشل اسسٽنٽ شيزا فاطمه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، محمد شهباز شريف چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان رپئي جو قدر ڊالر جي ڀيٽ ۾ وڌڻ سبب عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪيو و??و، هاڻوڪي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جون قيمتون وڌي رهيون آه??. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام جو هي مثبت پاسو آه?? ته رپيو مستحڪم ٿي رهيو آه??، جيڪڏهن هي پروگرام نه هجي ها ته بنا خوف ترديد جي اهو چئي سگهان ٿو ته رپيو ڪٿي هجي ها ۽ ملڪي معاشي صورتحال تلاطم جو شڪار ٿي وڃي ها، وزيراعظم چيو جيڪي ماڻهو ملڪ خلاف سازشن ۾ ملوث هئا، الله تعاليٰ انهن جي سازشن کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ سازشن جون ڪڙيون سمنڊ پار آه??، ڪجهه ڏينهن اڳ اسرائيل جو هڪ بيان سامهون آيو هو ته الله تعاليٰ سمورن سازشن کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام اهو حلوو لڏو يا پيڙا ناهن ان لاءِ اسان کي استقامت سان ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻه فيصلا ڪرڻا پوندا. انقلابي قدمن سان ئي پاڪستان ۾ معاشي ترقي ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته ان لاءِ اسان کي مسلسل محنت ڪرڻ جو فيص??و ڪرڻو پوندو ۽ هن فيصلي جي سڀ کان وڏي ذميواري حڪومت، اشرافيه، سياستدانن ۽ سرڪاري آفيسن تي آه??، سڀني ٻڌي ڪري ورتي ته ڪو به اسان جي ترقي جو رستو نه روڪي سگهندو. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ محمد نو??ز شريف جي دور ۾ بيشمار فلاحي پروگرام شروع ڪيا ويا، صرف پنجاب ۾ بولان ۽ راوي گاڏيون ميرٽ تي ڏنيون ويون، 99 سيڪڙو قرض بئنڪن کي واپس ڪيا ويا، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ صرف ڳالهين ک??ن ڪم ورتو و??و، عملي ڪم محمد نو??ز شريف جي اڳواڻي ۾ ٿيو. هن چيو ته محمد نو??ز شريف کي اقتدار مان انهي لاءِ ڌار ڪيو ويو ته انهي جي دور ۾ 20- 20 ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ ختم ٿي وئي، نو??وانن کي ڪلاشنڪوف ۽ ڪوڪين بدران ليپ ٽاپ ۽ قرض مليا. هن چيو ته محمد نو??ز شريف کي انهي لاءِ هٽايو ويو ته هن سي پيڪ جهڙو اهم منصوبو ڏنو. 2015ع ۾ بجلي جي منصوبن جو ڄار وڇايو و??و، اورينج لائين ٺاهي وئي، جڏهن ته عمران خان پنهنجي دور ۾ رڙيون ڪندو رهيو ته شهباز شريف کي جيل ۾ وجهو هن چيو ته مان محمد نو??ز شريف جو ادنيٰ خادم آه??ان، نو??ز شريف کي ڏينهن رات احتساب عدالتن ۾ گهرايو ويندو رهيو ۽ هو پيش ٿيندو ره??و، جڏهن ته عمران خان کي ضمانتون ملي وڃن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو آه??، عمران خان جي سوچ اها هئي ته مان جيڪڏهن وزيراعظم آه??ان ته ٺيڪ جيڪڏهن نه ته ملڪ بيشڪ برباد ٿي وڃي. هن چيو ته محمد نو??ز شريف کان اقتدار ڦري ان کي پرڏيهه ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو و??و، جنهن شخص کي فراڊ سان گڏوگڏ اقتدار ۾ آندو ويو ان چئن سالن تائين چور ۽ ڌاڙيلن جي رٽ لڳائيندو ره??و، ڪنهن منصوبي تي هڪ سر به نه لڳائي، انهي دور ۾ ڇا ڇا اسڪينڊل نه ٿيا، وزيراعظم هائوس جي هڪ ملازم ٻڌايو ته عمران خان ڏينهن ۾ 6-6 ڀيرا چوندو هو ته شهباز شريف کي اندر ڇو نه ٿا وجهو. ان کي ته مون کي جيل ۾ وجهڻ جي ماليخوليا ٿي وئي هئي. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان خلاف سازشون ڪرڻ ته پري جي ڳالهه ان جي باري ۾ ڪڏهن سوچيو به نه. هن چيو ته عوام چونڊن ۾ عمران نيازي ۽ اسان جي دور جو ڪم ڏسي حقيقتن تي ٻڌل فيص??و ڪري، عمران نيازي دور ۾ کنڊ، ڪڻڪ، پشاور بي آر ٽي،مالم جبه ۾ اربين رپين جا اسڪينڊل ٿيا، جڏهن ته خانه ڪعبه جي تصوير واري گهڙي جي وڪري ۽ 190 ملين پائونڊن جو اسڪينڊل به سامهون آيو. هن چيو ته عوام چونڊن ۾ حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيص??و ڪري، اسان نتيجن کي دل و جان سان قبول ڪنداسين، هن چيو ته جيڪڏهن محمد نو??ز شريف کي موقعو مليو ته آئون عاجزي ۽ دردمندي سان واعدو ڪيان ٿو ته پاڪستان جو نقشو بدلائي ڇڏينداسين ۽ ان کي خوشحالي طرف وٺي وينداسين. وزيراعظم چيو ته هن پنهنجي دور ۾ نو??وانن کي 10 لک ليپ ٽاپ ڏنا جن جي ماليت اربين رپيا بڻجي ٿي، انهن ليپ ٽاپن ذريعي ڪووڊ جي زماني ۾ شاگردن جي تعليم جو سلسلو جاري ره??و، هي اهي ليپ ٽاپ آه?? جنهن سان آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب برپا ٿيو. ليپ ٽاپ جو هڪ ئي معيار آه?? اهو صرف ميرٽ ۽ محنت آه??. هن چيو ته لکين ليپ ٽاپ ميرٽ تي پنجاب ۽ وفاق ۾ ڏنا ويا، جنهن سان تعليم جي روشني جون شعائون اٿي رهيون آه??. هن چيو ته عمران خان چوندو هو ته قرض وٺندڙن جي فهرست بڻائي رهيو آه??، جنهن تي ڪميشن بڻائڻ جو چوندو هو. وزيراعظم سوال ڪيو ته ڪٿي آه?? اها لسٽ؟ ذهنن کي بدلڻ ۽ سازشون ڪرڻ ان ک??ن وڏي ملڪي دشمني ڪا به ٻي نٿي ٿي سگهي، وزيراعظم چيو ته عمران دور ۾ 3 ارب ڊالرن جا انتهائي سستا قرض وڏن خاندانن کي ڏنا ويا جيڪي ڊالر جي قيمت سان ضرب ڏيون ته اهي 800 ارب کان وڌيڪ بڻجن ٿا ۽ اهي قرض 4 سيڪڙو وياج تي ڏنا ويا، هن سوال ڪيو ته اهي قرض نو??وانن کي ڇو نه ڏنا ويا؟ ان سان ڪاروبار ڇو نه ڪرايو ويو؟ هن چيو ته وڏا ماڻهو ته 4 سيڪڙو تي قرض وٺي هن کي 10 سيڪڙو تي مارڪيٽ ۾ ڏئي پنهنجي کيسي ۾ وجهن ٿا. ڪاش عمران خان جي دور ۾ 2 ارب رپين جا قرض قوم جي ٻارن کي ملي وڃن ها ته هو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ها. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي دور ۾ ماڻهو پنهنجون ٽجوڙيون ڀريندا رهيا اهو سڀ ڪجهه قوم پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ڪنن سان ٻڌو پر هاڻي اهو وقت ماضي ۾ هليو ويو. هن چيو ته مان 72 سالن جو ٿيڻ وارو آه??ان ۽ محمد نو??ز شريف 74 سالن جو آه??، هو منهنجو ليڊر ۽ منهنجي پيءُ جي جاءِ تي آه?? اسان 40 سالن ۾ وطن خاطر ڪيترائي ڀيرا جيل ڪٽيا، هٿڪڙيون لڳيون، غريب الوطني برداشت ڪئي، قوم سان واعدو ڪيان ٿو ته کين مايوس نه ڪنداسين. هن چيو ته ڇا اهڙي طرح قوم بڻجن ٿيون، پي ٽي آءِ دور ۾ بي آر ٽي جو اسٽي آرڊر ڇو ورتو و??و، مالم جبه کي ڪلين چٽ ڪيئن ڏني وئي، عمران خان جي ڀيڻ لنڊن، آمريڪا ۽ دبئي جي گهرن کي ڪيئن ڪليئر قرار ڏنو ويو جڏهن ته ان جي پنهنجي گهر واري ملندڙ قيمتي تحفن مان ڪيئن ڪلين چٽ ڏني وئي. هن چيو ته اهو احتساب ناهي بلڪه احتساب جي نالي تي اپوزيشن ۽ سرڪاري آفيسرن ک??ن بدترين انتقام ورتو ويو. وزيراعظم احد چيمه جي باري ۾ چيو ته هن کي 3 سال جيل ۾ رکيو ويو. هن جو قصور اهو هو ته هن 30 ارب رپين مان 11 مهينن جي مختصر مدي ۾ ميٽرو بس سروس بڻائي جڏهن ته مخالفن هن منصوبي کي 70 ارب رپين ۾ مڪمل ڪرڻ جو الزام لڳايو هو پر ان منصوبي تي 30 ارب رپين جي مهر لڳي چڪي آه??. پوءِ ان منصوبي جي باري ۾ چيو ويو ته اتفاق فائونڊري جو لوهه استعمال ٿيو آه??، پر حقيقت اها آه?? ته اتفاق فائونڊري 15 سالن ک??ن بند هئي، اتفاق فائونڊري کي وڪرو ڪري بئنڪن جي پائي پائي ادا ڪئي، وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ هٽلر ۾ ڪو به فرق ناهي، هٽلر جرمني کي پنهنجي هٿن سان بڻا??و، صنعت کي بي پناهه ترقي ڏني، جرمني جون تيار ڪيل گاڏيون پوري دنيا ۾ مشهور آه?? پر هٽلر سڀ ڪجهه پنهنجي هٿن سان تباهه ڪيو. هن چيو ته عمران خان به اهو ئي ڪ??و، ڪنهن منصوبي تي هڪ سر به نه لڳائي پر سر سان سر وڄائي ڇڏي هئي، تقريب جي پڄاڻي تي وزيراعظم پاڪستان ۽ قائداعظم جا نعرا لڳايا. ان ک??ن اڳ پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان چيو هو ته نو??وان ملڪ جو قيمتي اثاثو آه??، بدقسمتي سان اڳوڻي دور ۾ نفرت جو ماحول پيدا ڪيو ويو. هن چيو ته انگن اکرن جو جائزو وٺون ته محمد نو??ز شريف ۽ محمد شهباز شريف جي دور ۾ عوامي فلاح جا بي شمار ڪم ٿيا.