اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته جديد ترين ملجم ڪلاس جنگي جه??ز جي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شمولي?? دفاعي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف وڏو قدم آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملجم پراجيڪٽ سان پاڪس??ان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ نوان رستا کلندا ۽ اهو اسان جي دوستي جي پائيدار علامت ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪس??ان جي مالياتي ۽ صنعتي بنياد ۾ ترقي سان سامونڊي واپاري سرگرميون ڪيترائي ڀيرا وڌڻ واريون آهن ۽ ان سان سامونڊي شعبي ۾ توسيع جي لاءِ اضافي صلاحيت جي ضرورت پيدا ٿيندي. وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو ته پاڪس??ان ڪراچي کان گوادر تائين سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن خطي ۾ مستقبل جي واپاري ۽ ٽرانزٽ شپمينٽ جي مرڪز طور پاڻ کي تيار ڪيو وڃي. هن چيو ته ملجم ڪلاس جه??ز اسان جي سيڪيورٽي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.