اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته قومي نصاب ڪائونسل جي مسودي تي سمورن صوبن جو اتفاق آهي، اٺين جماعت تائين نئون نصاب لاڳو ٿيندو، اسا?? کي پنهنجي تعليمي نظام کي بدلڻو پوندو. قومي نصاب ڪائونسل سيڪريٽريٽ جي دؤري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ نصاب پڙهائڻ جي حوالي سان جائزو ورتو پيو وڃي. هن چيو ته تعليم کانسواءِ ترقيءَ جو ڪو رستو ناهي، 80 سيڪ??و ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، پر اسڪولن جي حالت بهتر نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي ڪيترن ئي اسڪولن جو اوچتو دؤرو ڪيو آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگردن جي مسئل?? کي حل ڪنداسين. هن چيو ته ايڇ اي سي طرفان پي ايڇ ڊي جي ڊگرين جي جاري ڪرڻ تي ڪوبه چيڪ بئلنس ناهي. هن چيو ته ملڪ ۾ تعليم ??و نظا?? خراب آهي، ا?? کي بدلڻ جي ضرورت آهي.