اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغانستان جي شهر هرات ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اين ڊي ايم اي کي زلزلي متاثرين جي لاءِ فوري امداد رواني ڪرڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چي?? ته اسان جي دل متاثر خاندانن جي لاءِ ڏکويل آهي. هن چي?? ته اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ افغانين سان گڏ بيٺل آهيون. نگران وزيراعظم چي?? ته هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئ?? ته متاثر ماڻهن کي وڌ کان وڌ امداد موڪلين. افغان حڪومت خصوصي طور تي ميڊيڪل ٽيم، فيلڊ اسپتال، 50 خيما ۽ 500 ڪمبل موڪلڻ جي درخواست ڪئ?? آهي. نگران وزيراعظم جي هدايت تي سموريون درخواست ڪيل شيون اڄ امدادي سام??ن سان گڏ موڪليون پيون وڃن.