اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سازگار ماحول ۽ بهتر سهولتن جي فراهمي کي راندين ۽ سياحت جي ترقي جي لاءِ اهم ??رار ڏيندي چيو آهي ته پا??ستان ۾ راندين ۽ ايڊونچر ٽوئرازم جا تمام گه??ا موقعا موجود آهن، موثر ضابطي ۽ بهتر انفراسٽرڪچر جي ذريعي ملڪ ۾ سياحت جي شعبي کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ٽئين پائيدار مائونٽين اسپورٽس ٽوئرازم ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ”ريوائيول آف مائونٽين گلوري“ جي عنوان سان ٿيندڙ تقريب جو اهتمام الپائن ڪلب آف پا??ستان ڪيو هو. تقريب ۾ ثمينه بيگ، نائلا ڪياني ۽ ساجد سدپاره سميت ملڪ جي ناليوارن جبل چاڙ??وئ?? پڻ شرڪت ڪئي جن دنيا جون بلند ت??ين چوٽيون سر ڪري ٽائٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. صدر چيو ته قدرت پا??ستان کي ناقابل يقين حد تائين پرسڪون حسن سان نوازيو آهي خاص طور تي ملڪ جا اتريان علائقا جتي جبل ۽ برفيليُون چوٽيون سياحن ۽ ٽريڪرن جي لاءِ ڪشش جو هڪ وڏو ذريعو آهن. هن چيو ته ملڪ جي خوبصورت مالم جبه ۽ نلتر جي علائقن ۾ اسڪيئنگ جون حيرت انگيز سهولتون موجود آهن ۽ انهن ۾ ايڊونچر راندين جي تمام گه??ي صلاحيت موجود آهي، ان کانسواءِ واديءَ هنزه ۾ قراقرم جي تمام وڏن جبلن جي وچ ۾ دنيا جا بهت??ين ٽريڪس موجود آهن. ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سياحتي ريگيوليٽري مڪينزم کي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سياحن جي لاءِ لاڳاپيل جاين تائين آسان پهچ، بهتر رستن، صاف سٿري هوٽلن ۽ گيسٽ رومز سميت تربيت يافته عملي جهڙين سهولتن کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. صدر چيو ته ڪجهه مخصوص سياحتي جاين طرف سياحن جي غيرمنظم آمد سان ٽريفڪ جام ٿيڻ جا مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ ان سان شهري نظام ۾ پڻ رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ هن نئين سياحتي جاين جي مناسب انتظام ۽ ترقي جي تجويز پيش ڪئي ته جيئن سياحن جي انگ کي ٻئي نئين سياحتي جاين طرف وڃڻ جي ترغيب ڏئي سگهجي. صدر سياحتي جاين جي سير دوران ماڻهن ۾ قدرتي ماحول کي خراب نه ڪرڻ جو شعور پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن سيڪيورٽي ۽ پرامن ماحول کي ملڪ ۾ سياحتي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جا اهم عمل قرار ڏنو. الپائن ڪلب آف پا??ستان جي چيف پيٽرن ايئروائيس مارشل (ر) اعجاز ملڪ چيو ته بلند ت??ين جابلو چوٽين ۽ گليشيئرز جي موجودگي جي ڪري پا??ستان ۾ ايڊونچر ۽ جابلو سياحت جي وڏي گنجائش آهي. هن اسپورٽس ٽوئرازم ڪانفرنس جي مقصدن جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ معاشي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪي سياحت جي حوالي سان پاليسي ٺاهن، قومي نصاب ۾ سياحت کي بطور مضمون متعارف ڪرائڻ ۽ انساني وسيلن جي موجوده مهارتن سان تربيت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي. صدر الپائن ڪلب آف پا??ستان ابو ظفر صادق ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته تنظيم راڪ اينڊ اسپورٽ ڪلائمبنگ، هائيڪنگ ۽ ٽريڪنگ جي ذريعي ملڪ ۾ راندين جي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته حصيدارن جي تعاون سان جاري ٻين سرگرمين ۾ پيراگلائيڊنگ، مائونٽين بائيڪنگ ۽ رافٽنگ شامل آهن. صدر ان موقعي تي جبل چاڙ??وئ??، ٽريڪرز ۽ الپائن ڪلب جي عهديدارن کي سڃاڻپ شيلڊز ڏنيون.