اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي عمارت تي دهشتگرد حملي جي شد??د مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب صدر چيو ته اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان سيڪيورٽي فورسز جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. صدر شهيدن جي پو??ئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صب?? جميل جي دعا ڪئي.