اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجڪاري ڪميشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع جاري ڪ??ي ڇڏيو. آرڊيننس جومقصد نجڪاري معاملن ۾ غيرضروري دير ختم ڪرڻ، مسئلا حل ڪرڻ، قانون ۽ انصاف جي اصولن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب آرڊيننس جي مدد سان نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جي شق نمبر 28 کان شق نمبر 33 ۾ ??رميمون ڪيون ويون آهن. آرڊيننس جو مقصد نجڪاري اپيليٽ ٽر??يونل جو قيام عمل ۾ آڻڻ آهي. نجڪاري اپيليٽ ٽر??يونل وٽ نجڪاري بابت ديواني ۽ فوجداري معاملن تي ٻڌڻي ۽ فيصلن جو اختيار هوندو. نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع ۾ ملڪي هاءِ ڪورٽس ??ي ڏنل اختيار هاڻي نجڪاري اپيليٽ ٽر??يونل کي منتقل ڪيا ويا آهن. آرڊيننس کان اڳ ملڪ جي سمورين هاءِ ڪورٽس کي نجڪاري معاملن ۾ هڪ ئي وقت دائره اختيار حاصل هو. آرڊيننس تحت وفاقي حڪومت ٽن ميمبرن تي ٻڌل نجڪاري اپيليٽ ٽر??يونل قائم ڪندي. صدر حڪومت پاران تجويز ڪيل ??رميمي آرڊيننس کي سيڪشن 28 جي ذيلي سيڪشن 2 (چار) ۾ تبديلي کانپوءِ منظور ڪيو. صدر تجويز ڪيل ??ڪومتي آرڊيننس ۾ اپيليٽ ٽر??يونل جو چيئرپرسن هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج بدران سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج لڳائڻ جي تبديلي ڪ??ي. آرڊيننس تحت سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج نجڪاري ٽر??يونل جو چيئرپرسن هوندو. اپيليٽ ٽر??يونل جو هڪ ٽيڪنيڪل ميمبر ۽ هڪ جوڊيشل ميمبر پن هوندو. اپيليٽ ٽر??يونل جي فيصلن جي خلاف اپيل ??ي ٻڌڻي جو اختيار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وٽ هوندو. نجڪاري اپيليٽ ٽر??يونل جي فيصلي کان متاثر ڪو به شخص 60 ڏينهن جي اندر سپريم ڪورٽ آڏو اپيل ??اخل ڪري سگهي ٿو. نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جا سيڪشن 30 ۽ 33 ختم ڪيا ويا آهن. صدر آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 هڪ تحت جاري ڪيو.