اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??ام??ن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين اقليتن جي حق?? جي تحفظ جو ضامن آهي، قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ واضح ڪري ڇڏ??و هو ته پاڪستان جي رياست ۾ اقليتن جي حق?? کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو. ڪرسمس جي م??قع?? تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني م??ام??ن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ مسيحي برادري سميت سمورين اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جو اهم ڪردار آهي، مسيحي برادري جي ڪرسمس جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته اسان سڀ پاڪستاني آهيون، پنهنجي ملڪ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحد آهيون.