اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته ملڪ ما?? پوليو جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، پوليو ورڪرز ان سلسلي ۾ هراول دستي جو ڪم ڪري رهيا آهن. صحت وزارت ما?? جاري ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن آم??يڪ?? سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهيون ڪندي ڪيو جنهن هن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. ان موقعي تي آم??يڪ?? سفير مختصر مدي ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪيل قدمن ۽ سڌارن تي نگران وزير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائ?? لاءِ ڀرپور سهڪار ڪنداسين. ڊاڪٽر نديم جان چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته پوليو ورڪرز ملڪ ما?? پوليو جي خاتمي ۾ هڪ هراول دستي جو ڪم ڪري رهيا آهن.