اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته رمضان المبارڪ اسان کي الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ۽ ان ج?? بندگي ۾ سرشار ٿي هڪ مثالي مسلمان بڻجڻ جو سنهري موقعو ڏي ٿو، هي امت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون ج?? پيغام پڻ کڻي اچي ٿو، رمضان المبارڪ جي مبارڪ موقعي تي سرنديءَ وارا ماڻهو وڌي چڙ??ي زڪوات، صدقا ۽ خيرات ادا ڪن. رمضان المبارڪ 1445هه / 2024ع شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ته آئون رمضان المبارڪ جي رحمتن ۽ مغفرتن سان ڀرپور مهينو شروع ٿيڻ تي پوري پاڪستاني قومي ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، رمضان المبارڪ اسان کي الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ۽ ان ج?? بندگيءَ ۾ سرشار ٿي هڪ مثالي مسلمان بڻجڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو، مسلمان هن مهيني ۾ الله جي حڪمن تي عمل ڪري پاڻ کي تقويٰ سان مزين ڪرڻ جي لاءِ عبادتن ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا ۽ الله تعاليٰ جي رحمت ۽ ڪرم سان گناهگارن کي مغفرت ملي ٿي. هن چيو ته الله تعاليٰ قرآن حڪيم ۾ فرمائي ٿو ته هن مسلمانن تي روزا ان ج?? لاءِ فرض ڪيا ته جيئن اهي پرهيزگار بڻجي سگهن، رسول الله ﷺفرمايو ته جيڪو شخص روزو رکي ڪوڙ ۽ بدعملي کان نٿو رڪجي، الله تعاليٰ کي ان ج?? بک ۽ اُڃ جي ضرورت نه آهي، اهي ارشادات اسان کي ان ڳالهه جي ياد ڏيارين ٿا ته روزو الله تعاليٰ جي حڪم تي بک ۽ اُڃ برداشت ڪرڻ سان گڏوگڏ سمورن گناهن کان بچڻ جو نالو پڻ آهي، غيبت، گارگند، مڪرو فريب، رشوت، وياج خوري، ذخيره اندوزي، ملاوٽ ۽ بدنظري جهڙن گناهن کان بچي ئي تقويٰ حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. صدر چيو ته هي مبارڪ مهينو امت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون ج?? پيغام پڻ کڻي اچي ٿو، رمضان المبارڪ ۾ اسان ج?? اها تربيت به ٿئي ٿي ته اسان معاشري جي غريبن، ??سڪ??نن، يتيمن، لاچار ۽ ڪمزور طبقن ج?? احساس ڪندي انهن ج?? مدد ڪريون، آئون رمضان المبارڪ جي مبارڪ موقعي تي سرنديءَ وارن ماڻهن کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي وڌي چڙ??ي زڪوات، صدقا ۽ خيرات ادا ڪن، پنهنجي سگهه کان وڌيڪ غريبن، ??سڪ??نن ۽ ضرورتمندن ج?? مالي مدد ڪن ۽ ان سلسلي کي سڄو سال جاري رکن. هن چيو ته آئون هي مبارڪ مهينو شروع ٿيڻ تي عالمي دنيا ۽ مسلمان امت کي اپيل ڪريان ٿو ته اها مظلوم فلسطينين ج?? پڻ مدد ڪري ۽ غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين ج?? نسل ڪشي روڪرائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي رمضان المبارڪ جي برڪتن ۽ فضيلتن مان فائدو کڻڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پاڪستان کي ترقي ۽ ڪاميابي عطا فرمائي.