عمان – 11 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر ??حمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري شهر عمان ۾ برطانيا جي وچ اوڀر، اتر آفريقا، ڏکڻ ايشيا، گڏيل امارات ۽ دولت مشترڪه بابت مملڪتي وزير لارڊ طارق احمد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ڌرين پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان ??و اظاهر ڪيو. هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ان ??صيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان ??و ذڪر ڪندي بين المذاهب مڪالمي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اين??ان??ڊ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ (اي ايس پي) جي شڪل ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي باضابطا بڻائڻ، توسيع ڏيڻ ۽ اپ گريڊ ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ڌرين برطانيا ۽ پاڪستان ??ي وچ ۾ معاهدي تحت مائيگريشن ٽريڪ تي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو. هن افغانستا، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ استحڪام س??يت گڏيل دلچسپي جي علائقائي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.