اسلام آباد – 18 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ور??ي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم جو شڪار فلسطيني ??وج??ان محمد بحر جي اسرائيلي فوج جي وحشي ڪتي جي حملي ۾ مارجڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلسطيني ??وج??ان محمد بحر ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم جو شڪار هو، اسرائيلي فوجين ??وج??ان تي ڪتي سان حملو ڪرايو ۽ ان کي مرڻ جي لاءِ ڇڏي ڏ??و، ان اذيتناڪ واقعي کي بيان ڪرڻ جي لاءِ لفظ موجود نه آهن، الله تعاليٰ رحم فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي پوسٽ ۾ ڊان نيوز جي خبر جو حوالو ڏنو. خبر موجب ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم جو شڪ??ر 24 سالا فلسطيني ??وج??ان محمد بحر جي گهر تي اسرائيلي فورسز ڇاپو هنيو. ان دوران اسرائيلي فورسز جي وحشي ڪتي ??وج??ان تي حملو ڪيو ۽ ان کي ماري ڇڏيو.