اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفا??ي وزير محسن نقوي سان عراق جي سفير عباس لفته ملاقات ڪئي جنهن ۾ عراق ويندڙ پاڪست??ني زائرين کان داخلا پاسپورٽ نه وٺڻ، اربعين جي موقعي تي ٽريول ايجنٽن بدران عراقي سفارتخ??ني طرفان پاڻ زائرين کي ويزا جاري ڪرڻ، اربعين جي ڪوٽا ۾ اضافي ۽ خصوصي اڏامن جي شروعات تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته هلندڙ سال گذريل سال کان وڌيڪ ويزا جاري ڪيا ويندا، زائرين جي وڌيڪ سهولتن لاءِ ڪراچي ۾ عراقي قونصليٽ کي ٻيهر اوپن ڪرڻ لاءِ اڄ ئي سمورا معاملا حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته گهرو وزارت ان ڏس ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اربعين جي موقعي تي پاڪست??ني زائرين لاءِ ويزا فيس ختم ڪرڻ لاءِ گهرو وزير پنهنجي عراقي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪندو. ملاقات ۾ عراق ۾ قيد پاڪستانين جي وطن واپسي بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته زائرين کان وڌيڪ فيس چارج ڪندڙ ايجنٽن خلاف ڀرپور ايڪشن ورتو ويندو. ملاقات ۾ ڊپلوميٽڪ ۽ آفيشل پاسپورٽ تي ويزا ??ي ڇوٽ جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو وزير محسن نقوي زائرين جي سهولت لاءِ قدمن تي عراقي گهرو وزير ۽ عراقي سفير جو ٿورو مڃيو. گهرو وزير چيو ته هوائي سفر ذريعي عراق ويندڙ زائرين کان پاسپورٽ نه وٺڻ جي فيصلي سان وڏي سهولت ملندي. عراقي سفير چيو ته پاڪست??ني زائرين کي ٻين ملڪن جي برابر سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. عراقي سفير عراق جي گهرو وزير طرفان گهرو وزير محسن نقوي کي عراق جي دو??ي جو دعوت نامو به پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪست??ني زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفا??ي وزير محسن نقوي فوري طور تي ايوي ايشن واري وفا??ي وزير خواجه محمد آصف سان رابطو ڪيو جنهن ۾ عراقي ايئ?? لائين کي اڄ کان ئي خصوصي اڏامون هلائڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. عراقي ايئ?? لائن کي اڄ ئي باضابطه طور تي خصوصي اڏمون هلائڻ جي اجازت ڏني ويندي. پي آءِ اي جون به خصوصي اڏامون عراق لاءِ هلايون وينديون. حتمي شيڊول اڄ تائين جاري ڪيو ويندو.