اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرم جي علائقي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪ??دي چيو آهي، ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جون دهشتگردي خلا?? جنگ ۾ لازوال قربانيون آهن، کين خراج ??حسين پيش ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ان دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار کي خراج ??قيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪار کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪ??دي چيو ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جون دهشتگردي خلا?? جنگ ۾ لازوال قربانيون آهن. هن چيو ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جي فرض شناسيءَ تي مون سميت پوري قوم کين خراج ??حسين پيش ڪري ٿي.