اسلام آباد -03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قائم ڪيل جيمز اينڊ اسٽونز بابت اسٽيئ??نگ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير عب??العليم خان چيو آهي، ته جيمز اينڊ اسٽونز کي صنعت جو درجو ڏئي لکين ڊالر ڪمائي سگهجن ٿا، ان شعبي جي ري اسٽرڪچ??نگ اهم معاملو آهي، جنهن جي ڏکيائين کي هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻو پوندو، جيمز اينڊ اسٽونز لاءِ اسان کي گڏيل ايجنڊا سان اڳيان وڌڻو پوندو. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن اسٽيئ??نگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نجي شعبي جي مشاورت سان ??يم??ي پٿرن سان لاڳاپيل مسئلن جي ترجيحي فهرست کي حتمي صورت ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ جيمز اينڊ اسٽونز ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڀارت ۽ ٻين ملڪن جو تقابلي جائزو به ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته جيمز اينڊ اسٽونز سان لاڳاپيل سمورن ادارن کي فعال ۽ بامقصد بڻائڻو پوندو، ??يم??ي پٿرن لاءِ لاجسٽڪ، ڪوريئر سروسز ۽ پاڪستاني سفارتخانن جون مارڪيٽنگ تي به تجويزون غور هيٺ آهن. عب??العليم خان چيو ته اصل مقصد تي ڌيان ڏئي جيمز اينڊ اسٽونز مان وڌ کان وڌ فائدو کڻڻو پوندو. وزيراعظم ايندڙ ڇهن مهينن ۾ ان شعبي ۾ عملي ۽ واضح اڳڀرائي چاهي ٿو. جيمز اينڊ اسٽونز لاءِ اسان کي گڏيل ايجنڊا سان اڳيان وڌڻو پوندو. هن چيو ته ان شعبي جي بهتري لاءِ تجويزن کي جلد حتمي شڪل ??ئي پاليسيون جوڙڻيون آهن. جيمز اينڊ اسٽونز هڪ هنڌ هئڻ ۽ باقاعده اسٽرڪچر ٺاهڻ تمام ضروري آهي. پيٽروليم انڊسٽري ۽ ڪامرس جي وزارتن جي آفيسرن کي آن بورڊ ورتو ويندو. چيئرمين اسٽيئ??نگ ڪميٽي هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا آن بورڊ ٿي جيمز اينڊ اسٽونز لاءِ گڏيل پاليسي جوڙين. وفاقي وزر حڪومتي پاليسي ٺاهڻ لاءِ سب ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. عب??العليم خان چيو ته جيمز اينڊ اسٽونز سان واڳيل ڪاروباري ماڻهن کي حڪومتي سطح تي هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين، نجي شعبو به ايندڙ ڏينهن ۾ سفارشن کي حتمي شڪل ??ئي.