اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪلي معيشت جا اهڃاڻ بهتر ۽ پاڪستا?? جي معيشت صحيح رُخ ۾ اڳيان وڌي رهي آهي، معاشي استحڪام جو بنياد رکيو ويو آهي، ڍانچه جاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، ٽيڪسن جو بار کڻڻ لاءِ سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، صوب?? جي مشاورت سان آءِ ايم ايف سان معاملن کي اڳيان وڌايو پيو وڃي، ڍانچه جاتي سڌارن جو تسلسل برقرار رکڻ سان معاشي طور پاڻڀرو ٿيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ڪالهه قومي معيشت جي اهم پهلو جي حوالي سان ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته معاشي استحڪام جي حوالي سان سٺي اڳڀرائي ٿي آهي. گذريل 6 مهينن ۾ اسان ??نه?? سفر تي هئاسين ۽ هلي رهيا آهيون ان جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌيا آه?? جيڪي 2 مهينن لاءِ روانگي واپار لاءِ ڪافي آهن، ڪرنسي مستحڪم آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي، اهڙيءَ طرح ليٽر آف ڪريڊٽس، روانگي واپار ۽ سيڙپڪاري تي منافعي جي منتقل جي حوالي سان بيڪ لاڪ ختم ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ناڻي واڌ جي شرح 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي. گذريل سال آگسٽ ۾ اها شرح 23.7 سيڪڙو هئي جيڪا گهٽ ٿي 9.6 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پاليسي ريٽ ۾ ترتيبوار گهٽتائي اچي رهي آهي ??نه?? سان معيشت کي مدد ملي رهي آهي. انهن قدمن ۾ ناڻي وزارت، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين ادارن جو ڪردار ت??سين لائق آهي. هن چيو ته جولاءِ ۾ پرڏيهي مان اماڻيل ناڻي ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي. فچ ۽ موڊيز پاڪستا?? جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ هڪ نوچ جو اضافو ٿيو آهي جيڪا ملڪي معيشت تي عالمي ادار?? جي اعتماد جو مظهر آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن به واڌ ٿيندي هئي ته گڏوگڏ خسارو به وڌي ويندو هو. ان صورتحال جي روشنيءَ ۾ معيشت جي بنيادن کي مضبوط بڻائڻ ضروري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته محصول?? جي بنياد ۽ ڳاڻيٽي ۾ اضافو ضروري آهي. گذريل سال ايف بي آر جي محصولن ۾ 29 سيڪڙو واڌ ٿي پر ان باوجود مجموعي قومي پيداوار جي تناسب سان ٽيڪس?? جي شرح 8.8 سيڪڙو جي ويجهو هئي. ڪوبه ملڪ ان شرح سان اڳتي نٿو وڌي سگهي. هن چيو ته ٽيڪس?? جي شرح 13 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهيون. ناڻي واري وزير چيو ته قومي معيشت جو 43 سيڪڙو حصو هڪ سيڪڙو کان گهٽ ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، ٽيڪس?? جي بار کي سمورن طبقن کي گڏجي کڻڻو پوندو جڏهن ته پگهاردار ۽ مينيوفيڪچرنگ شعبو پهرين کان ئي ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، هول سيلرز، ڊسٽري بيوٽرز ۽ رٽيلرز کي درخواست آهي ته هو ملڪي معيشت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، حڪومت به انهن جا جائز مسئلا ٻُڌندي ۽ ا?? جي فائديمند تجويزن ۽ مشورن تي عمل ڪندي. ناڻي واري وزير واضح لفظن ۾ چيو ته هول سيلرز، ڊسٽري بيوٽرز ۽ رٽيلرز تي ٽيڪس جي حوالي سان قدم واپس نه ٿيندا جيڪڏهن قدم واپس کنيا ويا ته اهو طبقو به ناراض ٿيندو جيڪو پهريان کان ئي ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، ان لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر پاڻ چيو آهي ته 98 ارب رپين جو شارٽ فال آهي جڏهن ته اهو به ڏسڻو آهي ته 132 ارب رپين جا ري فنڊ به جاري ٿي چڪا آه?? جيڪا اهم اڳڀرائي آهي ۽ ان سان ڪيش جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. رائيٽ سائزنگ جي حوالي سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته وفاقي حڪومت جي ڳاڻيٽي ۾ گهٽتائيءَ جي حوالي سان حڪومت تمام ??اضع آهي جڏهن ته ان جو طريقيڪار به واضع آهي. رائيٽ سائزنگ ڪميٽيءَ ۾ 6 وزارتن کي وٺي ويا هئاسين ??نه?? مان 2 وزارتون ضم ٿيڻيون آهن. وزارت?? جي ضم ٿيڻ سان آفيسر?? جي انگ ۾ گهٽتائي ايندي. اهڙيءَ طرح سمورن خود مختيار ادارن کي واري واري سڏائي تفصيل سان سندن مؤقف ورتو پيو وڃي ۽ ا?? جي مطابق انهن کاتن ۽ ادارن کي بند ڪرڻ، ضم ڪرڻ يا منتقل ڪرڻ جي حوالي سان فيصلا ٿيندا ۽ انهن فيصلن تي عملدرآمد به ٿيندو. ايندڙ مرحلي ۾ 5 وزارتن کي ڪميٽي ۾ وٺي وينداسين ۽ انهن سان گڏوگڏ 1973ع جي سول سروس ايڪٽ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ اتحادي پارٽين سان به مشاورت ڪري رهيا آهيون. آءِ ايم ايف سان معاملن تي ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح جو معاهدو ٿي چڪو آهي. پرڏيهي فنانسنگ جي حوالي سان به اهم اڳڀرائي ٿي آهي. سمورا تفصيل وقت تي مڪمل ٿيندا. صوب?? جي مشاورت سان آءِ ايم ايف سان معاملن کي اڳيان وڌايو پيو وڃي ۽ انشاءَ الله وزيراعظم جي ويزن مطابق هي پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام ??وندو جڏهن ته ان لاءِ اسان کي ڍانچه جاتي سڌارن جو تسلسل به برقرار رکڻو آهي.