راولپنڊي – 06 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) اط??اعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن سان ??لاقات ڪئي. اط??اعات واري وفاقي وزير ان ??وقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. گهرڀاتين سان ڳالهائيندي اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪيپٽن احمد بدر شهيد اسان جو فخر آهي، قوم سندس قرباني ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان ??اهن وينديون. وفاقي وزير چيو ته شهيد جو والد هڪ عظيم ۽ باهمت پيءُ هجڻ جو ثبوت ڏنو، پنهنجي پٽ جي شهادت تي جنهن جذبي جو اظهار ڪيو، پوري قوم کي ان تي فخر آهي. ملڪ جي لاءِ اهڙو جذبو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو. هن چيو ته اڄ اسان ??نهنجي گهرن ۾ محفوظ آهيون ته اهو احمد بدر شهيد جهڙن شهيدن جي قربانين جي ڪري آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ۽ پاڪ فوج خوارجي فتني جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، خوارجي فتني کي پاڙ کان ??ٽي اڇلائينداسين. هن چيو ته 27 رمضان المبارڪ تي هن ملڪ جو وجود ۾ اچڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته هي ملڪ پاڪستان ??يامت تائين قائم رهندو. هن چيو ته تاريخ ۾ اسلام جي نالي تي ٻه هجرتون ٿيون، هڪ هجرت مدينه ۽ هڪ هجرت 1947ع ۾ پاڪستان جي لاءِ ٿي، هي ملڪ عظيم قربانين سان حاصل ٿيو. هن چيو ته شهيدن جو اسان تي قرض آهي، الله تعاليٰ ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي طفيل اسان کي به توفيق ڏي ته اسان ??ن ملڪ جي خدمت ڪري سگهون. شهيد احمد بدر جي والدين کي سلام پيش ڪريون ٿا. ان ??وقعي تي ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ڳالهائيندي چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون هڪ شهيد جو والد آهيان، جنهن دليريءَ ۽ ج??ئت سان ??نهنجي پٽ شهادت کي ڳلي لڳايو ان سان ??نهنجو ڳاٽ فخر سان بلند ٿي ويو. هن چيو ته شهادت کان اڳ منهنجي پٽ کي ان جي ساٿي چيو ته دشمن بلڪل سامهون آهي، پٺتي هٽي وڃو، پٽ چيو ته جيڪڏهن آئون پٺتي هٽي ويس ته قوم ۽ فوج کي ڪهڙو جواب ڏيندس. هن چيو ته پوري قوم منهنجي پٽ جي شهادت تي جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي پوري ملڪ جو دل سان ??ورائتو آهيان. ان کان اڳ اط??اعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪالهه جمعي ڏينهن راولپنڊي ۾ موجود ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي گهر پهتو ته ڪيپٽن احمد بدر شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن سان ??لاقات ڪئي ۽ انهن کي گلي لڳايو ۽ شهيد ڪيپٽن احمد بدر کي خراج عقيدت پيش ڪيو.