پشاور -11سي??ٽمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته باباءِ قوم ق??ئد??عظم محمد علي جناح جي قيادت ۽ سن??س ڏاهپ اسان جي قومي ??اريخ جو روشن باب آهي، اسان کي سندس فرمانن جي روشني ۾ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. باباءِ قوم جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ق??ئد??عظم محمد علي جناح جي اصولي سياست، بي لوث قيادت ۽ مسلمانن لاءِ هڪ ڌار وطن جي جدوجهد اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، اڄ اسان کي سندن فرمان جي روشني ۾ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ق??ئد??عظم اسان کي اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جو درس ڏنو هو، اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان انهن اصولن تي هلندي وطن عزيز جي درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪيون ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيون. گورنر چيو ته ق??ئد??عظم جو مشن پاڪستان کي هڪ ترقي يافته، امن پسند ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ هو جنهن کي تڪميل تائين پهچائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.